امر رائيسنگهه راجپوت

امر رائيسنگهه راجپوت

امر رائيسنگهه راجپوت

امر رائيسنگهه راجپوت: شاعر، اديب، مُترجم ۽ ڪمپيئر امر رائيسنگهه راجپوت 26 جون 1987ع تي ڳوٺ ڊونڊيي، تعلقي ڏيپلي، ضلعي ٿرپارڪر ۾ ڪاروجي راجپوت جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم پنھنجي ڳوٺ، سيراڻي ۽ ڊگري ڪاليج بدين مان حاصل ڪئي. نون سالن تائين ريڊيي پاڪستان، مٺيءَ تي سنڌي ۽ ڍاٽڪي ۾ ڪمپيئرنگ ڪئي. کيس هندي ٻولي تي به دسترس حاصل آهي. هي سنڌي ادبي سنگت شاخ، ڏيپلي جو ميمبر ۽ 2019ع ۾ سيڪريٽري به رهي چڪو آهي. نثر توڙي نظم ۾ سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن ۾: ”حقيقت هن حال جي“ (نثر: 2007ع)، ”ديس جي ڳل تي ڳوڙها“ (شاعري: 2009ع)، ”ٿڌو چنڊ'>ٿر تي ٿڌو چنڊ“ (نثر: 2013ع)، ”منھنجو صحرا سڏڪي ٿو“ (نثر: 2016ع)، ”سوڍا چتر سڄاڻ“ (خاڪا: 2018ع)، ”لُڙڪن سان لبريز خط“ (خط: 2019ع)، ”ڌرا سرنگهي ڍاٽ“ (ترجمو: 2019ع)، ”چونئري مٿان چنڊ“ (شاعري: 2019ع)، ”ڍولا مارو ڍٽ“ (خاڪا: 2020ع ۽ ”توريان تان نه تُرن“ (خاڪا: 2020ع) شامل آهن. کيس سنڌي ادبي سنگت شاخ، ڏيپلي پاران بھترين نظم تي اوارڊ ۽ سندس ٻِن ڪتابن ”لُڙڪن سان لبريز خط“ ۽ ”ڌرا سرنگهي ڍاٽ“ تي انجمن ترقي پسند مصنفين پاران اوارڊ مليل آهن


لفظ امر رائيسنگهه راجپوتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1987.06.26  عيسوي

شاعر، اديب، مُترجم ۽ ڪمپيئر امر رائيسنگهه راجپوت 26 جون 1987ع تي ڳوٺ ڊونڊيي، تعلقي ڏيپلي، ضلعي ٿرپارڪر ۾ ڪاروجي راجپوت جي گهر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آسن داس
ڄام ڏاتار (بزرگ)
عالم شاهه بخاري
ديبلي ابوبڪر احمد بن محمد هارون حربي
محمد فقير مسخرو
ايئرمارشل محمد عظيم دائودپوٽو
استاد ببر علي
جعفر بن يحيٰ بن خالد ابن برمڪي
حاجي عبدالله هارون
انور پيرزادو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون